ملڪ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل، موٽر وي بند،شهري زندگي متاثر

ملڪ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل، موٽر وي بند،شهري زندگي متاثر

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب روڊ بند ٿي ويا، جنهن سبب موٽر وي ڪيترن ئي هنڌن کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.ڪوهيڙي سبب حد نظر گهٽ ٿيڻ سبب، لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي M2، فيض پور کان درخانه تائين M3، جڏهن ته پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين M4 تي گاڏين جي داخلا تي پابندي آهي.ساڳئي طرح، ملتان کان روهڙي تائين M5 ۽ لاهور کان سمبڙيال تائين M11 تي گاڏين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي. لاهور، مانگا منڊي، پتوڪي، اوڪاڙه، ساهيوال، احمد پور شرقيه ۾ قومي شاهراهه تي به ڪوهيڙو موجود آهي.ان کان علاوه، ميان چنو، خانيوال، ملتان، بستي ملوڪ، لوڌران، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ صادق آباد ۾ به سخت ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي وهڪري متاثر ٿي رهي آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ۽ چيو آهي ته خراب موسم جي ڪري ڏينهن جو سفر ڪرڻ محفوظ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو