پاڪستاني شهرين کي غير ضروري ايران جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت

پاڪستاني شهرين کي غير ضروري ايران جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد بيورو رپورٽ)پاڪستاني شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران جو غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.پرڏيهي آفيس پاڪستاني شهرين کي چيو آهي ته صورتحال بهتر ٿيڻ تائين غير ضروري طور تي ايران جو سفر نه ڪن.ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي انتهائي محتاط، هوشيار ۽ غير ضروري حرڪت گهٽ ڪن.پرڏيهي آفيس چيو ته ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري پاڪستاني سفارتي مشنن سان مسلسل رابطي ۾ رهن.تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ زاهدان ۽ مشهد ۾ قونصل خانن جا ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آهن. پرڏيهي آفيس ايران ۾ پاڪستانين کي صلاح ڏني آهي ته اهي پنهنجي حفاظت کي ترجيح ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو