پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ کان جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاقي حڪومت جي پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت پيپلز پارٽي سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. ڳالهين جي آڇ ٿئي هئا ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪو بيان ڏئي ها.هن چيو ته پي ٽي آءِ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. ماضي ۾ به پي ٽي آءِ ڳالهين کان کان انڪار ڪيو. ڳالهيون جيڪڏهن ٿينديون ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ تي نه ٿينديون. پي ٽي آءِ باني پنهنجي سزا ڀوڳيندو انهن کي ڪوبه اين آر او نه ملندو.فيصل ڪريم ڪنڊي اهو به چيو ته پي ٽي آءِ هڪ شخص لاءِ صوبي کي تباهه ڪيو آهي. پي ٽي آءِ کي گهرجي ته پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏئي. اسان جي 16 مهينن جي حڪومت ۾ اسان اتحادين ۽ پي ٽي آءِ کي ڳالهين لاءِ ويهاريو هو پر انهي کان پوءِ پي ٽي آءِ 9 مئي جا واقعا ڪيا.ڪي پي ڪي جي گورنر وڌيڪ چيو ته اسان هميشه چاهيون ٿا ته سياسي مسئلي جو حل سياستدان ڪڍن، پي ٽي آءِ قيادت هڪ طرف چوي ٿي ته ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني اسلام آباد تي چڙهائي تي بابت چڙ ڏياريندڙ ٽوئيٽ ڪري ٿي. هن ڳالهين جي دوران اهو به چيو ته پي ٽي آءِ فيصلو ڪري وٺي ته انهي جو اختيار ڪنهن وٽ آهي؟ پي ٽي آءِ وارن وٽ هڪ ٻئي تي ڀروسو نه آهي. پي ٽي طرفان طرفان هاڻ امپورٽڊ اڳواڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ اپوزيشن اڳواڻ لاءِ محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس جو نالو ڏنو. خبر ناهي انهن اڳواڻن جي ايڪسپائري تاريخ ڪڏهن آهي؟ پي ٽي آءِ جو ڪنهن مان ڪم نڪري ويندو آهي ته انهي کي فارغ ڪري ڇڏيندي آهي.










