پشاور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف بيان ڏيندڙ هڪ افغان شهري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته افغان شهري شاهه نواز جي پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ جي هڪ وڊيو گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.پوليس موجب، افغان شهري شاهه نواز کي دائودزئي جي خزانه پناهگير ڪئمپ مان گرفتار ڪيو ويو. افغان شهري پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ پنهنجي بيان تي معافي به ورتي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ ملزم کي افغانستان بدر ڪيو ويندو.ياد رهي ته پاڪستان پهرين اپريل 2025 کان غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهري خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آهي ۽ هاڻي تائين لکين افغان شهري پنهنجي وطن واپس موڪليا ويا آهن.










