عمران خان جون ٽي ڀينرون گرفتاري کان پوءِ آزاد

عمران خان جون ٽي ڀينرون گرفتاري کان پوءِ آزاد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پوليس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن کي اڊيالا جيل ويجهو ڌرڻي لاءِ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ چڪري انٽرچينج تي آزاد ڪري ڇڏيو.پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون عليما خان، عظميٰ خان ۽ نورين خان ڪالهه اڊيالا جيل پهتيون، پر ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي، انهن فيڪٽري ناڪا تي ڌرڻو هنيو. ان دوران پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به اتي گڏ ٿيا.رات دير سان، پوليس ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي منتشر ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کي گرفتار ڪيو، پر انهن کي ٿوري دير بعد چڪري انٽرچينج تي آزاد ڪيو ويو. انهن جي آزاديءَ کان پوءِ، عمران خان جون ڀينرون ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.ان کان اڳ، عليما خان هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ چيو ته ڳالهين جي آڇ آئين جي تحفظ لاءِ تحريڪ پاران نه پر وزيراعظم پاران ڪئي وئي هئي. پي ٽي آءِ باني روڊن تي نڪرڻ لاءِ چيو آهي. تمام جلد، ماڻهو روڊن تي تحريڪ ۾ هوندا.هن وڌيڪ چيو ته اسان عمران خان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هو پنهنجي لاءِ نه پر سڀني لاءِ جيل ۾ ويٺو آهي، اهي ماڻهو ڊڄي ويا آهن ڇو ته سهيل آفريدي جي دوري دوران سڄو لاهور بند ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو