اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، فوج صوبي مان نڪري وڃي ته ٻه ڏينهن به صوبو نٿا سنڀالي سگهن.پريس ڪلب ۾ ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ضروري آهي. صوبائي حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ امن نه ٿيندو ته ڪاروبار ۽ معيشت ڪيئن هلندي.هن چيو ته سياسي فيصلن جو حل سياسي طريقي سان ئي ڪڍڻ گهرجي، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورا سياسي معاملا ڳالهين ۽ جمهوري عمل جي ذريعي طئي ٿيندا. هن چيو ته اتحادي ۽ اپوزيشن پارٽين کي اسان هڪ ميز تي ويهاريو ڇو ته ملڪ کي هن وقت انتشار نه پر استحڪام جي ضرورت آهي.










