اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پنجاب جي مختلف حصن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب مختلف هنڌن تي موٽر وي بند ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪري نظر متاثر ٿي رهي آهي.لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي M2 سخت ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، فيض پور کان درخانه تائين M3، پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين M4، ملتان کان ظهير پير تائين M5 بند آهن.سيالڪوٽ موٽر وي M11 پڻ سخت ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي.










