بريڊفورڊ ۾ احتجاج،برطانوي مشن پرڏيهي وزارت طلب، ڊيمارش

بريڊفورڊ ۾ احتجاج،برطانوي مشن پرڏيهي وزارت طلب، ڊيمارش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) برطانوي ڊپٽي هيڊ آف مشن ميٽ ڪينل کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري برطانيه ۾ پيش ايندڙ واقعي تي احتجاج ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ان وقت ملڪ ۾ نه هئي، جنهن جي ڪري پرڏيهي وزارت برطانوي قائم مقام هاءِ ڪمشنر کي هڪ ڊيمارچ جاري ڪيو. هي ڊيمارچ برطانوي شهر بريڊ فورڊ ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي ٻاهران احتجاج جي جواب ۾ جاري ڪيو ويو. ذريعن موجب، برطانيه ۾ احتجاج ڪندڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ سياسي پارٽي جو سرڪاري اڪائونٽ استعمال ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چيف آف ڊفينس فورسز خلاف انتهائي اشتعال انگيز ۽ قابل اعتراض ٻولي استعمال ڪئي. احتجاج دوران، فيلڊ مارشل کي موت جي ڌمڪي ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته کيس ڪار بم ڌماڪي ۾ ماريو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت برطانوي سرزمين تان ملندڙ انهن خطرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته برطانيه پنهنجي سرزمين کي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي. پاڪستان اميد ظاهر ڪئي آهي ته برطانيه اهڙن شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪندو ۽ انهن کي قانون موجب جوابده قرار ڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين پڻ برطانوي قائم مقام مشن سربراهه کي هڪ ڊيمارچ جاري ڪرڻ جي تصديق ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو