ڳالهين جو اختيار اچڪزئي ۽ راجا ناصر وٽ آهي: اخونزاده

ڳالهين جو اختيار اچڪزئي ۽ راجا ناصر وٽ آهي: اخونزاده

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ترجمان اخونزاده حسين چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي ڳالهيون ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اخونزاده حسين چيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ هڪ نئين معاهدي جي ضرورت آهي. محمود اچڪزئي چيو هو ته اسان جي ڳالهين جو مرڪز اڊيالا جيل هوندو ۽ اسان اتان رهنمائي وٺنداسين.اخونزاده حسين چيو ته اسان سڀني سياسي قيدين جي آزادي بابت ڳالهايو آهي. اپوزيشن ڳالهين لاءِ شروعات نٿي ڪري. حڪومت شروعات ڪري ٿي. اسان حڪومت جي ڳالهين جي آڇ جو جواب ڏنو آهي.هن چيو ته فضل الرحمان قابل احترام آهي. کيس قومي ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني وئي هئي. هن ڪراچي ۾ پنهنجي مصروف شيڊول جي ڪري شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪئي.اخونزاده حسين چيو ته پي ٽي آءِ ۽ مولانا فضل الرحمان جي بيان ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جو فواد چوڌري جي نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ نه ئي اسان ان کي اهميت ڏيون ٿا. اسان کي خبر ناهي ته اهي ڪهڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن جي حڪم تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو