لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ملڪيت جي مالڪي جو آرڊيننس هڪ قانون جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، اسيمبلي ان کي منظور ڪري چڪي آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته صوبائي اسيمبلي صوبي جي بهتري لاءِ ڪا به قانون سازي ڪري سگهي ٿي، ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. بيواهن، يتيمن، ڀائرن ۽ ڀينرن جي زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ماڻهن جي زمينن تي 75 سالن کان قبضو آهي.عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته ان سان عام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آهي، ماڻهو سالن تائين عدالتن ۾ ڪيس وڙهندا هئا، انهن کي نه ٻڌو ويندو هو، انهن کي ڊيڄاري خاموش ڪرايو ويندو هو.










