تفتان (ويب ڊيسڪ) تفتان ۾ توزگي تي هڪ آئل ٽينڪر ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا.ايس پي چاغي جو چوڻ آهي ته سڀئي فوت ٿيل مسافر افغان شهري آهن جيڪي ڪچي رستي غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ داخل ٿيا هئا.حادثي ۾ مارجي ويلن کي قانوني ڪارروائي کان پوءِ افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويندو.










