لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته اڊياله جيل جي ڀتين انهي شخص کي ذهني مريض بنائي ڏيو آهي، اڊياله جو قيدي ايم ڪيو ايم باني پارٽ 2 بڻجي چڪو آهي.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته اڊياله جيل جي ڀتين انهي شخص کي ذهني مريض بنائي ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ باني پنهنجي دور ۾ مخالفن کي ڌمڪيون ڏيندو هو، پي ٽي آءِ باني پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو، پاڪستان لاءِ هر سٺي خبر فتنه فساد لاءِ خراب خبر آهي.هن چيو ته اڊياله جو قيدي باني متحده پارٽ 2 بڻجي چڪو آهي. ڌمڪيون ڏيندڙ اڄ مظلوم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني جي ذهني ڪيفيت جو معائنو ڪيو وڃي. هاڻ هي پاڪستان جي خلاف ڀارتي ميڊيا کي استعمال ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي هلايو ويو ته پي ٽي آءِ باني جي طبيعت خراب آهي، پر اهو ته بالڪل تندرست آهي ٻاهران فراءِ ٿيل مڇي گهرائي کائي رهيو آهي.عظميٰ بخاري چيو ته نمل يونيورسٽي اڄ به چندي جي پئسن سان هلي رهي آهي، سهيل آفريدي کي پاڻ خبر ناهي ته 53 سئو ارب هوندو ڇا آهي، موصوف جلسي ۾ ڪرپشن جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته رقم چوري ٿي يا ڪرپشن ۾ وئي، هنن کي پنهنجي اڳواڻ کي صادق ۽ امين چوندي شرم به نٿي اچي.عظميٰ بخاري چيو ته فتنه خان جي سياست ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن. پي ٽي آءِ باني پهريان به ۽ اڄ به پاڪستان لاءِ خطرو آهن. ٻين جو اي سي لهرائيندڙ اڄ مظلوم بڻيل آهي جيڪو سمورو ڊرامو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان هنن جي پُڇ تي پير آيو آهي. گندي ڪردار جي مالڪ کي مشهور اڳواڻ چون ٿا. جلسه جلوس ته هاڻ هنن جي وس جي ڳالهه نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص بالڪل تندرست آهي. پاڪستان جي خلاف ڪابه راند برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته سئو سيڪڙو فرشته گڏ ٿي ويا آهيون. پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ماڻهو باني پي ٽي آءِ کان تنگ اچي ويا آهن.










