حڪومت ڄاڻي واڻي اسمبلي اجلاس ملتوي ڪرايو، آصفه

حڪومت ڄاڻي واڻي اسمبلي اجلاس ملتوي ڪرايو، آصفه

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجو ڌيان ڏياريو نوٽيس روڪرائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي.سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ هن چيو ته وقتي اسپيڪر جي رويي تي انتهائي مايوسي ٿي آهي، ڪورم موجود هجڻ باوجود هر ڀيري اجلاس معطل ڪرڻ پارلياماني نظام جو مذاق بنائڻ جي برابر آهي.آصفه ڀٽو زرداري چيو ته چيو پيو وڃي ته اسپيڪر کي سيشن ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي ته جيئن منهنجو ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش نه ٿئي سگهي، اجلاس کي ملتوي ڪرڻ نهايت ننڍي ۽ ڪريل سياسي چال آهي.هن چيو ته اجلاس کي ملتوي ڪرڻ تي اسان کي ڳڻتي آهي، عوام ۽ پارليامينٽ جي اعتماد لاءِ پارلياماني روايتن جو احترام تمام گهڻو ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو