لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پاڪ فوج جي ترجمان ذهني مريض تحريڪ انصاف جي باني جو ملڪ دشمن ايجنڊه بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب عظميٰ زاهد بخاري چيو ته ڀارتي ميڊيا جي هنج ۾ ويهي پاڪستان جي خلاف بيانبازي جي چال هلندڙ ذهني مريض کي قوم سڃاڻي ورتو آهي. ذهني مفلوج تحريڪ انصاف جي باني اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن جي قاتل طالبان ۽ ڀارت جي سپورٽ حاصل ڪري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته بنيان مرصوص جي سپهه سالار تي هرون ڀرون جون ڳالهيون اصل ۾ تحريڪ انصاف جي باني جي ذهني ۽ اخلاقي مفلوج هجڻ جو ثبوت آهي. پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ هي ڪجهه چهرا رياستي استحڪام لاءِ واضح خطرو آهن دشمن ايجنڊا تي هلندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته رياست انهن جي هر سازش کي ناڪام بنائيندي.هن چيو ته رياستي ادارن تي حملو شهيدن جي توهين ۽ پاڪ فوج جي خلاف بيانيو اهو سڀ دشمن جو ايجنڊا آهي جنهن کي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي.










