پي ٽي آءِ جن سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، اهي نٿا ڳالهائڻ چاهين

پي ٽي آءِ جن سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، اهي نٿا ڳالهائڻ چاهين

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهين لاءِ تيار نه آهي پر اهي جن سان ڳالهين لاءِ تيار آهن اهي هنن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم ٻه ڀيرا ايوان ۾ اپوزيشن کي ڳالهين جو چيو ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته ميثاق استحڪام پاڪستان تي اتفاق ڪريو پر پي ٽي آءِ قيادت اسان سان ڳالهين لاءِ تيار نه هئي جن سان پي ٽي آءِ قيادت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي اهي هنن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين.هن چيو ته هي هائوس پنهنجو موقف پيش ڪري پر اسان سمجهون ٿا ته قانون موجب ملاقات ٿيندي. اڊياله ۾ امن امان خراب ڪرڻ يا ڪنهن تحريڪ کي هلائڻ جي اجازت نه آهي.راڻا ثناءُالله چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته جيل ۾ ويهي امن امان جي صورتحال پيدا ڪريو، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ جيڪي ڳالهيون ڪيون انهي ۾ ملڪ کان ٻاهر سياسي فيصلن جو ذڪر هو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سينيٽر ڪميٽي ٺاهڻ چاهين ٿا ته پهريان پاڻ ڪميٽي ٺاهين ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو