قومي ٽيرف پاليسي ذريعي پيداوار ۽ برآمدات وڌائڻ جو فيصلو

قومي ٽيرف پاليسي ذريعي پيداوار ۽ برآمدات وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي درآمدات، ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ واپاري شعبي ۾ اصلاحات تي قائم ڪيل ذيلي ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ نمائنده ڪاروباري حضرات تي ٻڌل ذيلي ورڪنگ گروپ جي ميمبرن وزيراعظم کي ڪسٽمز ۽ ٽيڪس وصولي بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. وزيراعظم سفارشن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڏني ته اهي ملڪي صنعتي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪاروباري، سرمائيڪار حضرات کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن. هن چيو ته تازو قومي ٽيرف پاليسي ملڪي صنعتي پيداوار کي مثبت انداز ۾ سهولت پهچائڻ جي لاءِ لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن برآمدات ۽ درآمدات کي ملڪي گڏيل معاشي ترقي سان هم آهنگ ڪري سگهجي.اجلاس ۾ ناڻي بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ، وفاقي وزير موسمياتي تبديلي ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد لغاري، وفاقي وزير اڪنامڪ افيئرز ڊويزن احد خان چيمه، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، ناڻي بابت مملڪتي وزير اظهر بلال ڪياني، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر، چيئرمين ايس آءِ ايف سي، ملڪي صنعت، ڪاروبار جي نمائندگان ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن به شرڪت ڪئي.وزيراعظم اجلاس ۾ زور ڏنو ته ملڪي صنعتي پيداوار ۽ واپار ۾ اضافي جي لاءِ مخصوص تجويزون ۽ مسئلن جي نشاندهي ضروري آهي. هن چيو ته برآمدات تي ٻڌل دير تائين معاشي ترقي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافي، حڪومتي تحفظ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.وزيراعظم هدايت ڏني ته ٻين ملڪن سان گڏ ٻطرفي ۽ راهداري(ٽرانزٽ) واپاري مصنوعات جي بارڊر تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي وصولي تي سخت نگراني ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو