ميانمار ۾ آن لائن سينٽرن تي ڪريڪ ڊائون، 38 پاڪستاني آزاد

ميانمار ۾ آن لائن سينٽرن تي ڪريڪ ڊائون، 38 پاڪستاني آزاد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ميانمار ۾ مقامي فوج آن لائن فراڊ سينٽرن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ سوين پرڏيهين کي آزاد ڪيو آهي، جن ۾ 38 پاڪستاني به شامل آهن، ٿائي فوج ميانمار جي سرحد پار ڪندي 38 پاڪستانين کي بچايو ۽ انهن کي بينڪاڪ اميگريشن سينٽر منتقل ڪيو جتان انهن کي مرحليوار ملڪ بدر ڪيو ويندو، ٿائي حڪومت پاران پاڪستان کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 60 وڌيڪ پاڪستاني پڻ ميانمار ۾ پناهه گاهه ۾ آهن جيڪي فراڊ سينٽرن مان اتي پهتا هئا، ٿائي حڪومت چيو ته لاڳاپيل پاڪستاني ايجنسيون جلاوطن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪن، جلاوطن پاڪستانين جا نالا به پنجن سالن لاءِ اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن، ٻئي طرف ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٿائيلينڊ، ميانمار ۽ ڪمبوڊيا آن لائن فراڊ جا مرڪز آهن ۽ فراڊ سينٽر هلائيندڙ ڪال سينٽرن ۾ آن لائن نوڪرين جو اشتهار ڏين ٿا، آفيسرن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي ڪم جي ويزا تي سڏيو وڃي ٿو ۽ قيد ڪيو پيو وڃي، پاڪستانين کي انهن ملڪن ۾ ڪم جي ويزا ۽ اهڙين آن لائن نوڪرين جي ڦندي ۾ نه ڦاسڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو