اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي جنهن ۾ معيشيت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مصري پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جي گرمجوشي سان آجيان ڪندي انهي کي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو.اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻي ڀائيواري قائم آهي، سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏني پئي وڃي.هن چيو ته مصيري پرڏيهي وزير جو اهو دورو گڏيل حدفن جي حصول، سياسي، معاشي، دفاعي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان مصر کي 250 بزنس هائوسز جي فهرست فراهم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ته جيئن سرمائيڪاري جا نوان موقعه ڳولا ڪري سگهجن.انهي موقعي تي مصري پرڏيهي وزير پاڪستان جي شاندار ميزباني تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻه لاڳاپا قائم آهن ٻئي ملڪ انهي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن اسلام آباد ۽ پشاور ۾ تازو دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو.مصري پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر گڏيل چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. سياسي ڊائيلاگ، معاشي ڀائيواري، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري آهن پاڪستان جنگبندي معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مصر غزه جي نئين سري سان تعمير ۾ پاڪستان جي وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن والاريل ڪشمير، افغانستان ۽ ٻين عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعاون جاري رکڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو.










