پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر تي خودڪش بم ڌماڪن جي جاچ جاري آهي.جاچ عملدارن موجب، نادرا ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪندڙ ٽن حملي آورن جي افغان شهري هجڻ جي تصديق ڪئي آهي، پر نادرا کي اڃا تائين حملي آورن جي وڌيڪ تفصيل نه ملي آهي.جاچ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي حوالي سان هاڻي تائين 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي، ۽ رحمان بابا قبرستان کان فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تائين حملي آورن جي آمد جي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي وئي آهي.عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جاچ ٽيم سهولتڪار جي ڳولا ڪري رهي آهي. حملي واري ڏينهن خودڪش بمبارن وٽ ڪو به موبائل فون استعمال ۾ نه هو.










