سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شهري خوف ۾ مبتلا

سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شهري خوف ۾ مبتلا

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ڪري شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا.زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3 ۽ کوٽائي 15 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز سبي کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.زلزلي کان پوءِ ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي کان پوءِ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي.ياد رهي ته اربع ڏينهن سبي ضلعي ۽ ان جي آس پاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 3.1 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلو زمين جي اندر 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو، جڏهن ته مرڪز سبي کان 60 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو