پي ٽي آءِ باني جيل ۾ محفوظ آهي: جيل ذريعا

پي ٽي آءِ باني جيل ۾ محفوظ آهي: جيل ذريعا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان جيل ۾ محفوظ ۽ صحتمند آهي، جيل ذريعن موجب بشريٰ بي بي کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو پي ٽي آءِ جي باني سان ملڻ جي به اجازت آهي. اڊيالا جيل ۾ هڪ بيرڪ ۾ ڇهه ڪمرا پي ٽي آءِ جي باني استعمال ڪندا آهن. پي ٽي آءِ جي باني وٽ ٽي وي ۽ اخبار جي سهولت آهي، جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٻاهر کان کاڌو آرڊر ڪرڻ جي اجازت آهي. مقامي مرغي ۽ مڇي ٻاهران آرڊر ڪئي ويندي آهي. پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقاتون جيل مينوئل موجب ڪيون وينديون آهن، جيل ذريعن موجب، اڊيالا جيل جي حدن ۾ ايندڙ هر شخص سان ملاقات ڪئي ويندي آهي. جيل انتظاميه اڊيالا جيل جي حدن کان ٻاهر جي معاملن جي ذميوار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو