اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪا کان پوءِ فرانسيسي ڪمانڊر طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي ته مئي ۾ ٿيل پاڪسان سان جنگ ۾ ڀارت جا رافيل جهاز پاڪستاني فضائي دفاع جي سامهون ناڪام ٿيا.عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب 6 ۽ 7 مئي تي ٿيل انهي جنگ کي سموري دنيا جي فوج بهتر طريقي سان مانيٽر ڪيو. ڇو ته اهي جديد جهاز تربيت يافته پائلٽس ۽ ايئر شفينس سسٽم جي حقيقي جاچ جو اهم موقعو هو.فرانس جي اتر اوڀرين حصي ۾ واقع نيول ايئربيس جي ڪمانڊر ڪيپٽن بڪ لوئي صحافين سان ڳالهين دوران تصديق ڪئي ته مسئلو رافيل جهاز جي ٽيڪنيڪي ڪمزوري نه هو پر اصل خرابي ڀارتي پائليٽس جي مهارت ۾ هئي.واضح رهي ته ڪيپٽن يوڪ لوڪ انهي بيس جي نگراني ڪندو آهي جيڪو ايٽمي صلاحيت رکندڙ رافيل اسڪواڊرن، جي جهازن، آبدوزن ۽ جديد جهازن تي ٻڌل آهي. 25 سال 7 رافيل جهاز اڏائيدڙ تجربيڪار ڪمانڊر اعتراف ڪيو ته پاڪستاني فضائيه صورتحال کي انتهائي منظم ۽ موثر انداز ۾ سنڀاليو.انڊوپيسفڪ ڪانفرنس جي هڪ عالمي اجلاس ۾ ڪيپٽن لو واضح ڪيو ته ڀارتي رافيل چيني ٽيڪنالاجي جي برتري جي ڪري نه پر پاڪستان جي حڪمت عملي، مضبوط دفاع ۽ وقت تي رد عمل سبب ڪريا. هن ٻڌايو ته انهي رات 140 کان وڌيڪ ويڙهاڪ جهاز فضا ۾ موجود هئا جنهن صورتحال کي ڏکيو بنائي ڇڏيو هو پر پاڪستان ڀارت کان ڪافي بهترين طريقي سان انهي صورتحال کي هينڊل ڪيو. ڀارتي منسوب انهي بيان کي چيني پروپيگنڊه قرار ڏئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر فرانسيسي ڪمانڊر انهي کي نظر انداز ڪندي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو.ڪيپٽن لو تصديق ڪئي ته رافيل جو ريڊار سسٽم ناڪام ناهي ٿيو پر انهي کي هلائيندڙن جي ڪمزوري مسئلي جي جڙ هئي، هن چيو ته رافيل ڪنهن به جنگي ميدان ۾ چيني جهازن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر سڀ ڪجهه آپريٽر جي تربيت ۽ فيصلن تي ڀاڙِيندو آهي.هن اهو به ٻڌايو ته ڀارت هاڻ سمنڊ ۾ مقرري لاءِ رافيل جي نيول وزن ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيو آهي جيڪا ايئرڪرافٽ ڪيريئر تي لينڊنگ جي قابل آهي ۽ ايٽمي هٿيار به کڻي وڃي سگهي ٿي پر اها صلاحيت هن وقت صرف فرانسيسي بحريه وٽ موجود آهي.ماهرين موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اها فضائي جهڙپ عالمي سطح تي انهي لاءِ به اهميت اختيار ڪري وئي آهي ته انهي ۾ جهازن، پائلس ۽ ايئر ٽو ايئر ميزائلن جي ڪارڪردگي حقيقي جنگي ماحول ۾ جانچ ڪئي وئي جنهن سان مستقبل جي فضائي حڪمت عملي جي لاءِ اهم نتيجا ڪڍيا پيا وڃن.










