ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ) مسافر وين کڏ ۾ ڪرڻ سبب پيءُ ۽ پٽ سميت پنج ماڻهو فوت ٿي ويا،ايبٽ آباد ۾ مسافر وين کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب، افسوسناڪ حادثو ايبٽ آباد جي بارون گلي علائقي جي ويجهو پيش آيو، جتي مسافر وين کڏ ۾ ڪري پئي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته وين کڏ ۾ ڪرڻ سبب پيءُ ۽ پٽ سميت پنج ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي جي اطلاع ملندي ئي حادثي واري هنڌ تي امدادي گاڏيون موڪليون ويون.










