خيرپور ناٿن شاهھ (ن س) خيرپورناٿن انڊس هاءِ وي تي ٻه المناڪ روڊ حادثا جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا موقعي تي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ، ڳوٺ لڌاڻ ڀرسان ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر جو ٽرالر سان ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ 2ڄڻا فوت ٿي ويا فوتين ۾ برڪت علي مڳھڻار ۽ منظور مڳھڻار ۽ تقريبن 20کان مٿي زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مريم ، امام زادي ، زينت ، ولا يت مظهر ۽ بيا شامل آهن. جڏهن ته ٻيو حادثي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر سبب ٿيو ، جنهن جي نتيجي ۾ صداقت ڀنڳر فوت ٿي ويو ، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي فوري طور تي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر افسوس جو اسپتال جي اڪيلي ايمبولينس حادثن دوران ئي خراب ٿي وئي. ايمرجنسي صورتحال ۾ زخمين کي منتقل ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا ۽ شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت ايمبولينس کي ڌڪو لڳائي اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وقت تي طبي سهولتون نه ملڻ ڪري شهرين ۾ سخت غم ۽ غصو ڇانيل آهي. اتان جي شهرين جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، ايمرجنسي سروسز نه هجڻ جي برابر آهن، ۽ انتظاميا جي غفلت انساني جانيون وڃائڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. شهرين سنڌ جي صحت واري وزير، سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو کان فوري تگنوٽيس وٺڻ، اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ ايمرجنسي سروسز کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










