حيدرآباد (پ ر) ٽنڊوالهيار شهر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي پنجين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. نصرپور روڊ تي منعقد ٿيل جلسي عام ۾ ڪارڪنن، شهيد جي نياڻين ۽ ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ جا حڪمران آئين ۾ پنهنجي ذاتي، گروهي ۽ شخصي مفادن لاءِ ترميمون ڪري رهيا آهن، جنهن سبب رياست جي بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ جي عوامي جدوجهد کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ وطن دوست قومپرست اڳواڻن خلاف پروپيگنڊا رچائي وئي ته جيئن سنڌ دوست پارٽيون عوام ۾ مقبول نه ٿين.ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت جيڪو سياسي تماشو هلي پيو آهي، جيڪڏهن ان دوران سنڌ جي حدن سان ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهندا. هن واضع ڪيو ته ملڪ ۾ نه ڪڏهن انصاف وقت سر مليو آهي ۽ نه ئي دير سان. غريب ماڻهو سالن جا سال عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، پر انصاف کان محروم رهجي وڃن ٿا.ايس ٽي پي چيئرمين چيو ته اسين اهڙيون آئيني ترميمون چاهيون ٿا جن ۾ واضح ڪيو وڃي ته هن ملڪ ۾ چار قومون رهن ٿيون، تنهنڪري صوبن کي مڪمل اختيار ملڻ ضروري آهن. هن چيو ته “اسان باوقار سنڌ ۾ ٽوپي، پٽڪي ۽ اجرڪ جو راڄ چاهيون ٿا، ايم ڪيو ايم بابت ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اهو گروه تاريخي طور سنڌ دشمن رهيو آهي، پوءِ اهو جنهن به شڪل ۾ هجي. هن چيو ته اسين نسل پرستي واري سوچ خلاف آهيون ۽ جيڪي دهشتگرد نسل پرست قوتن جا ساٿي آهن، اهي به سنڌ دشمن آهن.ڊاڪٽر قادر مگسي حڪمرانن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ذاتي مفادن خاطر سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سوچ به ڪئي وئي ته سنڌ جا ماڻهو ان جي سخت مزاحمت ڪندا. اهڙي غلطي ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي.ورسي جي تقريب ۾ شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پنجن سالن باوجود شهيد جا قاتل اڃان تائين سزا کان بچيل آهن، جيڪو انصاف جي قتل برابر آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪيس جلد هلايو وڃي ۽ شهيد جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد جي ڀائرن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين روپوش ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، جيڪو قاتلن کي بچائڻ جي سازش آهي ۽ ان جي شديد مذمت ڪجي ٿي.جلسي کي نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، گوتم چنا مير محمد پتافي، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ شهيد الطاف جسڪاڻي جي جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾ امتياز سمون، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ، ڄام شوڪت ابڙو ، جلال شاھ، اقبال حاجاڻو ، شاهنواز سيال، جان محمد جوڻيجو، شاھنواز ڪيريو، گھنشام مالھي ، علي ڏنو خاصخيلي، فتاح ڳاهوٽي ، محبوب سمون ، ضامن بھراڻي ، جعفر سنڌي ، امداد بهراڻي ، مير محمد هڪڙو، ڪامريڊ عرفان بروھي ۽ٻيا موجود هئا.










