ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتو صوبي ۾ بهتر سفري سهولتن لاءِ لڳاتار ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شهرين کي جلد ئي وڌيڪ خوشخبري ملندي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ، سنڌ حڪومت پنڪ بس سروس جو دائرو وڌايو آهي. پنڪ بي آر ٽي بسون نمائش کان سرجاني تائين شروع ٿي ويون آهن ۽ جلد ئي ايڌي اورنج لائن بي آر ٽي ۽ گرين لائن ۾ به پنڪ بسون هلنديون. وزيراعظم، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي به پنهنجن صوبن ۾ عورتن لاءِ اهڙيون بسون شروع ڪرڻ گهرجن. گرين لائن بي آر ٽي روٽ تي عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس جي شروعات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خاص صلاحيتن وارن ٻارن لاءِ خاص سائيڪلون تيار ڪيون پيون وڃن جيڪي مفت ڏنيون وينديون. هن چيو ته سائيڪلون ورهائڻ جو عمل روزاني بنيادن تي گڏجاڻين ذريعي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته معاشري جي هر طبقي کي سهولتون فراهم ڪرڻ هڪ گڏيل ذميواري آهي ۽ ٽرانسپورٽ کاتو انهيءَ مقصد سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊبل ڊيڪر بسون ايندڙ هفتي صوبي ۾ اچي رهيون آهن ۽ شروعاتي طور تي شاھراھھ فيصل تي هلايون وينديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن جي روٽس ۾ اضافو ڪيو ويندو، ڪوريڊور ۽ بي آر ٽي ۾ پائلٽ پروجيڪٽ طور نيون بسون شروع ڪيون پيون وڃن، جن کي شهرين کان ھاڪاري ردعمل مليو آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ سان بقايا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ منصوبن تي هڪ کليل بريفنگ سڀني سياسي پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي موجودگي ۾ ڏني ويندي، سنڌ حڪومت هارين کي مفت ڀاڻ فراهم ڪري رهي آهي ۽ سبسڊي سان ڪڻڪ جي پوک ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت، 21 لک ٻوڏ متاثرين جي گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا ويا آهن. عورتن جي معاشي خودمختياري لاءِ صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پڻ شروع ڪيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ خاندانن کي سياست ۾ نه گهليو ويندو هو ۽ ڪٽنب جي ماڻهن تي سياسي تنقيد مناسب نه هئي، فريال ٽالپر کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ عيد جي چنڊ رات اسپتال کان جيل منتقل ڪيو ويو، سڀني پارٽين جون عورتون عزت جي لائق آهن. هن چيو ته آئيني ترميم ذريعي برابري ۽ يڪجهتي کي مضبوط ڪيو ويو آهي. هن ترميم تي تنقيد مناسب ناهي ڇو ته وڏين بار ايسوسيئيشن ان جي حمايت ڪئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف بسون فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، تنهن ڪري هاڻي ان کي پورو ڪريو، سنڌ حڪومت هر طبقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٽرانسپورٽ جي سيڪٽر ۾ بهتري جو سلسلو جاري رهندو.










