اسلام آباد: (رپورٽ اياز مھر ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان(ٽي ٽي اي پي) 27هين آئيني ترميم جي خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ اڱاري تي پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪيو.27هين ترميم جي 13 نومبر تي پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ کان پوءِ قانون جو درجو ڏنو ويو، جنهن تي اپوزيشن پارٽين طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي هئي، انهي قانون عدليه ۽ فوج ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرايون ويون، جڏهن ته قانوني حلقن، اڳوڻن ۽ موجوده ججز انهي کي عدليه جي آزادي تي حملو قرار ڏنو. جمعي تي اجلاس ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان عهد ڪيو هو ته هو آئين کي انهي جي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور احتجاج ڪندي، انهي منصوبي جي تحت اڄ اتحادي پارٽين جا ميمبر پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران جمع ٿيا ۽ احتجاج ڪيو. مظاهرين بينرز کڻي رکيا هئا جن تي لکيل هو ته(آمريت مرده باد، جمهوريت زنده باد) 27هين ترميم رد ۽ عدليه جي غلامي عوام جي غلامي آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جا ميمبر پارليامينٽ هائوس کان سپريم ڪورٽ تائين احتجاجي مارچ ڪندا ته جيئن 27هين آئيني ترميم جي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهجي. احتجاج ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو چيئرمين محمود خان اچڪزئي، مجلس وحدت المسلمين جو سربراهه ۽ ٽي ٽي اي پي جو وائس چيئرمين سينيٽر علامه راجه ناصر عباس، پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر شامل هئا.گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن پنجاب اسيمبلي کان چارنگ ڪراس تائين مارچ ڪيو ته جيئن 27هين ترميم جي منظوري خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهجي.گذريل هفتي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيو هو ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 27هين ترميم جي خلاف قرارداد پيش ڪئي ويندي. گذريل سال اپريل ۾ قائم ٿيل تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، 6 اپوزيشن پارٽين جو اتحاد آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ به شامل آهي. جولاءِ ۾ انهي پنهنجي تنظيمي ساخت کي باضابطه شڪل ڏني هئي ۽ حڪومت مخالف سمورين احتجاجي تحريڪن جي لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو هو.










