اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اردن جو بادشاهه عبدالله (ٻيو) پاڪـستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو آهي. پاڪستاني عملدارن سندس وفد جو نور خان ايئر بيس تي استقبال ڪيو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فرسٽ ليڊي آصفه ڀٽو زرداري پڻ بادشاهه جي آجيان لاءِ موجود هئا. صدر زرداري چيو ته بادشاهه عبدالله ٻئي جو دورو پاڪستان–اردن لاڳاپن کي هڪ نئين حڪمت عملي واري رخ ڏانهن وٺي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخي ڀائيچاري، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن. سرڪاري نشرياتي اداري پي ٽي وي نيوز پاران X تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي “ديرينه ڀائيچاري تي ٻڌل تعلقات” جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. بيان ۾ چيو ويو ته بادشاهه عبدالله ٻيو وزيراعظم شهباز سان ملاقات ڪندو، ۽ پوءِ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ايوان صدر جي بيان موجب، پاڪستان ايئر فورس جي JF-17 ٿنڊر جهازن جي هڪ فارميشن بادشاهه جي جهاز کي پاڪستاني هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي رسمي حفاظتي اسڪارٽ فراهم ڪيو ۽ سندس جهاز کي اسلام آباد تائين وٺي آيا. بعد ۾ بادشاهه وزيراعظم هائوس پهتو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. اردن جي بادشاهه جو پاڪستان جو آخري دورو اڳوڻي صدر ممنون حسين جي دعوت تي ٿيو هو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ٻه مفاهمتي ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون هيون. هڪ شهري تحفظ ۽ دفاع ۾ تعاون بابت، ۽ ٻيو هائوسنگ شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ بابت هئا. گذريل مهيني، بادشاهه عبدالله ٻئي چيــف آف آرمي اسٽاف (COAS) فِيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات دوران علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستاني فوج جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي هئي. آرمي چيف سرڪاري دوري تي اردن ويو هو ۽ بادشاهه سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪراؤن پرنس حسين بن عبدالله ٻيو پڻ موجود هو.
مشهور خبرون










