اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هڪ برطانوي رسالي هڪ ڪهاڻي شايع ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي زال حڪومتي فيصلن تي اثر انداز ٿيندي هئي، ۽ پي ٽي آءِ جو باني ماهرن سان نه پر بشريٰ بي بي سان صلاح ڪري فيصلا ڪندو هو. عطاءُ الله تارڙ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا جا رسالا چئي رهيا آهن ته سڀئي فيصلا هڪ عورت ڪندي هئي، پي ٽي آءِ جي باني جا سڀئي فيصلا سندس زال روحانيت جي آڙ ۾ ڪندي هئي، ۽ سڀئي معاشي ۽ سياسي فيصلا سندس زال ڪندي هئي.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني بشريٰ بي بي جي صلاح تي حڪومتي فيصلا ڪندو هو، ۽ پي ٽي آءِ جي باني جي سياست منافقت، ڪوڙ ۽ تهمت کان سواءِ ڪجهه به نه هئي.










