ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سياري جي شروعات ٿي چڪي آهي، شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران رات جو موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي.وڌ ۾ وڌ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هوا ۾ نمي 76 سيڪڙو آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اوڀر کان 3 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.










