ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول جو لاڏاڻو ڪري ويو،خانداني ذريعن موجب کيس ڪراچي جي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو،هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جناح اسپتال جي هيڊ پروفيسر شاهد رسول جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر شاهد کي ملڪ جي بهترين سرجنن مان هڪ سمجهيو ويندو هو، ڊاڪٽر شاهد رسول جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو،مرحوم جي بلند درجن ۽ خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪريان ٿو.










