ميھڙ (غلام حسين پنھور) سپاف جي اڳوڻي مرڪزي صدر مرحوم امير علي ايري جي 8 ھين ورسي ڀٽو بليورس فورم ميھڙ پاران نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ عقيدت احترام سان ملھائي وئي. قرآن خواني بعد سندس مزار تي ڪنوينر اڪبر پنھور قاضي عبدالمجيد مھيسر گلن جي چادر چاڙھي. تقريب ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شھرين صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي اڪبر پنھور، ايم آر ڊي جي اسير قاضي عبدالمجيد مھيسر، صدر عبدالرحمان قمبراڻي، مجاھد ڳورڙ، محمد علي شيخ، عبدالغني ميراڻي، غلام حسين پنھور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مرحوم امير علي ايري جون پيپلز پارٽي لاءِ تمام گھڻيون قربانيون ھنيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اھڙن پراڻن قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن کي وساريو ويو آھي ھن جو ايم آر ڊي جي مارشل لا ۽ شاگرد تحريڪ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو ھو جيلن جون سختيون ڏٺيون ان باوجود ڪڏھن به نه هٽيو. سندس وفات کانپوءِ خال پيدا ٿيل آھي اھڙي اھم اڳواڻ کي پارٽي قيادت وساري ڇڏيو آھي.










