اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت تي حملي جي سهولتڪار ۽ هينڊلر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، عدالت تي حملي جو سهولتڪار گذريل هڪ مهيني کان راولپنڊي ۾ رهي رهيو هو ۽ کيس راولپنڊي ۽ هينڊلر کي خيبرپختونخواهه مان گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد هينڊلر ۽ سهولتڪار جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، سهولتڪار ۽ خودڪش بمبار خودڪش ڌماڪي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا عدالتي ڪمپليڪس جو معائنو ڪيو.










