ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول جو باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي.شهر جي 172 يونين ڪائونسلن ۽ 641 وارڊن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون. ڊسمبر ۾ ٿيندڙ انهن چونڊن لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته ان حوالي سان ريٽرننگ آفيسرن ۽ ضلعي ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ٻاهران عوامي نوٽيس لڳايا ويا آهن.نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ۽ جاري ڪرڻ 13 کان 17 نومبر تائين ڪيو ويندو، نامزد اميدوارن جي نالن جي فهرست 18 نومبر تي شايع ڪئي ويندي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 19 کان 24 نومبر تائين ڪئي ويندي.نامزدگي ڪاغذن جي منظوري يا رد ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 28 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي.اپيلٽ ٽربيونل پاران اپيلن تي فيصلي جي آخري تاريخ 3 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 4 ڊسمبر تي شايع ڪئي ويندي، جڏهن ته اميدوارن جي واپسي کان پوءِ نظرثاني ٿيل فهرست 5 ڊسمبر تي شايع ڪئي ويندي.اميدوارن جي آخري فهرست ۽ چونڊ نشان 6 ڊسمبر تي الاٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پولنگ آچر 28 ڊسمبر تي ٿيندي.










