ڪراچي: مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت

ڪراچي: مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گذريل رات مختلف واقعن ۾ ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.ڪراچي جي پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو. شروعاتي طور تي فائرنگ ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.ان دوران لياري بغدادي ۾ به فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ هڪ شخص زخمي ٿيو.پوليس کي لياري واقعي ۾ ذاتي دشمني جو شڪ آهي.ٻئي طرف قائد آباد ۾ تڪرار دوران هڪ شخص مارجي ويو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو