پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري سلطان شاهه پٽ سميت مارجي ويو

پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري سلطان شاهه پٽ سميت مارجي ويو

سکر: (ن س) سکر پوليس جي مبينه مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري سلطان شاهه پٽ سميت مارجي ويو. اي ايس پي سکر اظهر مغل موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي دوران بدنام ڏوهاري سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سميت مارجي ويو.اي ايس پي موجب سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سميت روهڙي مان واردات ڪري فرار ٿيو، اطلاع تي پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو سول اسپتال سکر جي پوئين پاسي کان ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو، جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري سلطان شاهه پنهنجي پٽ حبدار شاهه سميت مارجي ويو.مارجي ويل سلطان شاهه ۽ سندس پٽ جا لاش ريڙهي ذريعي سکر سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. ياد رهي ته سلطان شاهه ماضي ۾ ڏوهن جي دنيا جو وڏو ڪردار هو، هو اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جي دور ۾ ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪري سکر ۾ سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿيو هو، ڪجهه وقت کان ذاتي دشمني ۽ ٻين سببن سبب روپوش هو، اڄ پٽ سميت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو