لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پاڪ سعودي اقتصادي تعاون فريم ورڪ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڪميٽي جو مقصد سعودي عرب سان سرمائيڪاري، فريم ورڪ تي موثر هم آهنگي يقيني بنائڻ آهي، صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي وفاقي وزارتن ۽ ايس آءِ ايف سي سان ڪوآرڊينيشن ڪندي.سينئر پنجاب واري وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي جي ڪنوينر هوندي. چيئرمين پي اينڊ ڊي ڊاڪٽر نعيم رئوف، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وار سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو به شامل هوندا. سيڪريٽري انڊسٽريز ڪميٽي جو سيڪريٽري ۽ ميمبر ٻنهي جي طور تي نامزد ڪيا ويا.ڪميٽي صوبائي سيڪٽرل ان پٽس ۽ ترجيحي منصوبن جي تياري ڪندي، سرمائيڪاري جي لاءِ ريڊ پروپوزلز ۽ پراجيڪٽ پائپ لائين تيار ڪئي ويندي.ڪميٽي سعودي عرب سان سرمائيڪاري، سيشنز لاءِ صوبائي ترجيحات فائنل ڪندي. بي ٽو بي انٽريڪشنز ۽ انويسٽر ريڊينس کي هٿي ڏني ويندي.ڪميٽي پنجاب حڪومت کي پنهنجن فيصلن کان آگاهه رکندي. ڪميٽي سعودي عرب سان ايرلي بارويسٽ اپرچونيٽيز مان فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻندي.










