اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم کي ختم نٿو ڪري سگهي، آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت راءِ سان نه، اتفاق راءِ سان ٿي آهي فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏئي رهيا آهيون.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ اسان جيڪا آئيني ترميم آڻي رهيا آهيون، اسان وٽ اڪثريت آهي، ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيوته آئيني ترميم جي منظوري اڪثريت راءِ سان نه اتفاق راءِ سان ٿي آهي، 26هين آئيني ترميم به اتفاق راءِ سان منظور ڪرائي هئي ۽ 18هين ترميم به سمورين پارٽين اتفاق راءِ سان منظور ڪرائي. 18هين ترميم جي ذريعي صوبن کي حق ڏنا ويا. بلاول ڀٽو چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون ميثاق جمهوريت جي اڻ مڪمل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته اسان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، فيلڊ مارشل جي ڪارڪردگي جي سموري دنيا ۾ تعريف ڪئي پئي وڃي، فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏئي رهيا آهيون.پ پ چيئرمين چيو ته دهشتگردي ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڌي رهي آهي، دهشتگردي ۽ ملڪ دشمنن جي خلاف سڀني کي ڏ ٿيڻُ پوندو. قوم فتنته الخوارج جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو. اسان پهريان به دهشتگردن جو ڄمي مقابلو ڪيو هو. اسان شهادتون ڏئي دهشتگردن کي اڳ به شڪست ڏني ۽ آئينده به ڏينداسين.هن چيو ته اپوزيشن جو صرف اهو ڪم ناهي ته پنهنجي اڳواڻ جي لاءِ روڄ پٽڪو ڪري، اپوزيشن جو ڪم آهي ته اها حڪومت تي نظر رکي، اپوزيشن کي قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پ پ افتخار چوڌري جي سوموٽوز کي ڀوڳيو، اڄ اسان ماضي جي غلطي کي صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. 26هين آئيني ترميم کان پوءِ هاڻ پاڻمرادو نوٽيس نه ٿيندو.بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي تجويز مڃڻ تي اسان حڪومت جا ٿورائتا آهيون، 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ڪندڙ به مڃيندا اها وڏي ڪاميابي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته آئيني عدالت ۾ سمورن صوبن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي ٿيندي. بلاول ڀٽو جي تقرير دوران اپوزيشن طرف سخت نعريبازي ڪئي وئي، چور آيا، چور آيا جا نعرا لڳايا ويا.










