اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اجلاس اڄ ڪنهن به وقت ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جو معاملو غور هيٺ آندو ويندو ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي تناظر ۾ اهم فيصلا متوقع آهن. حڪومت ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اجلاس لاءِ دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار رهن. ڪابينا ميمبرن کي اجلاس جي ايجنڊا بابت باضابطه طور تي آگاهه نه ڪيو ويو آهي.










