شهدادپور (رپورٽر)شهدادپور هيووي ٽريفڪ ۽ خراب روڊ عذاب جاري. هڪ مهيني ۾ 5جانيون ضايع وڌيڪ هڪ نوجوان هيووي سبب حياتي وڃائي ويٺو شھدادپور ھالا چوڪ لڳ مھراڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر موٽرسائيڪل سوار عديل احمد ولد مير محمد بروھي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو جٿان حيدرآباد ريفر ڪيو ويو زخمن جو سور نہ سھندی فوت ٿي ويو جنهن جو مڙه سندس اباڻي ڳوٺ نيو ويو واقعي جو ڪارڻ خراب روڊ ۽ هيووي ٽريفڪ عذاب ٻڌايو پيو وڃي واضع رهي ته هڪ مهيني اندر هيووي ٽريفڪ 5جانيون کسي چڪي آهي پر انتظاميه اگھور ننڊ ستل آهي










