نئون ڪوٽ (ن س )ٿرپارڪر جي وڄوٽو پوليس جي حد ڳوٺ جمعون خاصخيلي ۾ ناري آنبو زال ڪشتور ڪولھي جو گھر اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ مليو، اطلاع تي وڄوٽو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ مٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ناري 8 ڏينهن اڳ ڳوٺ آهوري کان پيءُ چوٿو ڪولھي سان گڏ بٺي تي مزدوري لاءِ ڪرڻ لاءِ نئون ڪوٽ آيل هئي، رات ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، واقعي جي جاچ ڪيون پيا ناري کي ٻه سال اڳ مڙس ڇڏي ڏنو هو، ٻن ٻارن جو اولاد آهي جيڪا پيءُ سان گڏ رهندي هئي،ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معاملي جي خبر پوندي










