اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) جو سينيٽر ۽ مشهور ڪالم نگار عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو آهي.سينيٽر عرفان صديقي ٻن هفتن کان بيمار هو ۽ اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. هو پنجاب مان سينيٽ جي جنرل سيٽ لاءِ چونڊيو ويو هو.عرفان صديقي پارليامينٽ جي ايوان بالا ۾ حڪمران پارٽي جو پارلياماني اڳواڻ هو، سينيٽ ۾ سندس مدت مارچ 2027 تائين هئي.عرفان صديقي مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جي ويجهن ساٿين مان هڪ هو. هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جو چيئرپرسن ۽ ڪاروباري صلاحڪاري، انساني حقن، اطلاعات ۽ نشريات، داخلي ۽ منشيات ڪنٽرول سميت مختلف ڪميٽين جو ميمبر هو.










