شهدادپور ۾ مبينا تشدد ۾ استاد قتل،لاش اسپتال ۾ پيل

شهدادپور ۾ مبينا تشدد ۾ استاد قتل،لاش اسپتال ۾ پيل

شھدادپور)ن س )شهدادپور ۾ پوليس جي مبينه وحيشاڻو تشدد ۾ گرفتار ڪيل پرائمري اسڪول هيڊ ماستر قتل پوليس لاوارثءڪري لاش کي اسپتال ڇڏي وئي.تشدد جا واضح نشان ظاهر.وراثن پاران سخت احتجاج ڪندي لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان شهدادپور ۾ پوليس پاران بخاري پاڙي مان گرفتار ڪيل 2ٻارڙن جو پئ 45 سالا پير شاھنواز پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ڄام عزيز جکرو کي پوليس مبينہ وحشيانو تشدد ڪري قتل ڪري لاش کي لاوارث ڪري اسپتال ڇڏي پوليس کسڪي وئي اطلاع تي پوليس تشدد ۾ قتل ٿيل پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر جا ڀائر ڄام حيدر ڄام عزيز ڄام ارشد جکرو پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ کي پوليس ڪنهن کي ڪال ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ پڪڙي پيسن جي گهر ڪئي پئسا نہ ڏيڻ تان پوليس وحيشاڻو تشدد ڪري ڪرنٽ ھڻي ماري لاش کي لاوارث ڪري سمس اسپتال ڇڏي پوليس کسڪي فرار ٿي وئي آهي هنن الزام هنيو ته اسان جي ڀاءُ کي پوليس شھدادپور ٿاڻي ۾ وحشيانو تشدد ڪري بجلي جا ڪرنٽ ھڻي قتل ڪيو آهي نااهل ايس ايڇ او شھدادپور اسان جي ڀاءُ کي ماريو آهي ان خلاف خون جو ڪيس داخل ڪرائينداسين ۽ لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هڻندا سين تيستائين لاش وصول نه ڪنداسين جيستائين پوليس خلاف خون جو ڪيس داخل نه ٿو ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو