ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪلفٽن علائقي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ويجهو هڪ ڪار فوٽ پاٿ تي سمهي رهيا ماڻهن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب، ڪلفٽن ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي ويجهو هڪ ڪار فوٽ پاٿ تي سمهي رهيا ماڻهن مٿان چڙهي وئي، حادثي ۾ فوٽ پاٿ تي سمهي رهيا ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ماڻهن سميت 4 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










