ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي روڊ وڏي ٽرئفڪ لاءِ بند

ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي روڊ وڏي ٽرئفڪ لاءِ بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي روڊ کي وڏي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ڪمشنر ڪراچي جي منظوري سان پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪراچي ڪمشنر ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي تائين ٻه طرفي روڊ کي ڳري ٽرئفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، وڏي ٽرئفڪ جي ڪري، قائد آباد کان ملير هالٽ ۽ ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي تائين سخت ٽرئفڪ جام هو.ان ڪري، روڊ کي ڳري ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳري ٽرئفڪ کي سسئي ٽول پلازا ڪاٺور کان ايم-9 سپر هاءِ وي استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو