سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر  1192 ڊينگي جا نوان ڪيس  ظاھر

سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر 1192 ڊينگي جا نوان ڪيس ظاھر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي سنڌ پوري صوبي ۾ ڊينگي جا تصديق ٿيل ڪيسن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ مجموعي طور 5899 ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1192 ڪيس پوزيٽيو سامهون آيا آهن۔ ڪراچي ڊويزن ۾ 4371 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 642 پوزيٽيو ڪيس جي تصديق ٿي۔ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1528 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 550 ڪيس پوزيٽيو آيا۔ صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 109 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 100 نوان مريض داخل ٿيا۔ صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 112 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 151 مريض صحتياب ٿي گهر واپس ويا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي مان 4 ڄڻن جي فوتگي رپورٽ ٿي آهي۔ سيڪريٽري ريحان بلوچ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هلندڙ مهيني ۾ پوري صوبي ۾ ڊينگي سان متاثر ماڻهن جو انگ 4940 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن سال جي شروعات کان اڄ تائين صوبي ۾ ڊينگي سان متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 10502 ٿي چڪو آهي۔ هن ٻڌايو ته هن وقت صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 227 آهي، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 212 مريض علاج هيٺ آهن۔ ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 256 بستر، حيدرآباد ۾ 165 ۽ اندرون سنڌ ۾ 566 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن، يعني پوري صوبي ۾ 987 بسترن جي سهولت موجود آهي۔ خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ ڪراچي ۾ 196 بستر، حيدرآباد ۾ 199 ۽ اندرون سنڌ ۾ 66 بستر رکيا ويا آهن، يعني پوري صوبي ۾ خانگي سطح تي 461 بسترن جي سهولت موجود آهي۔ صوبي ۾ هن وقت 55 ليبارٽريون ڊينگي جي ڊيٽا فراهم ڪري رهيون آهن۔ ڪراچي ۾ 37 ليبارٽريون ڊينگي ٽيسٽ ڪري رهيون آهن، جن مان 12 سرڪاري ۽ 25 خانگي آهن۔ حيدرآباد ۾ ڊينگي ٽيسٽ لاءِ 18 ليبارٽريون سرگرم آهن، جن مان 7 سرڪاري ۽ 11 خانگي شامل آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو