ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي بلديه عظمىٰ ڪراچي جي زو انتظاميه ۽ وائلڊ لائيف ٽيم ڪراچي زو مان رانو ريڇ کي بخير ۽ عافيت سان پاڪستان ايئر فورس جي خاص جهاز ذريعي قدرتي انداز ۾ تيار ڪيل پنجري ۾ اسلام آباد منتقل ڪيو ڪراچي بلديه عظمىٰ ڪراچي جي ترجمان دانيال سِيال موجب، ٽيم جي انتھڪ محنت ۽ پيشه ورانه انداز سبب رانو ريڇ جو سفر ڪاميابي سان مڪمل ٿيو. پاڪستان ايئر فورس جي فيصل ايئر بيس ڪراچي جي پروفيشنل عملي رانو جي ٽرانسفر ڪريٽ کي ڪارگو گاڏي مان مهارت سان لاھيو ۽ سي-130 جهاز ۾ احتياط سان لوڊ ڪيو. جهاز صبح اَٺَ نين نَڪتو ۽ نور خان ايئر بيس اسلام آباد تي بخير ۽ عافيت لٿو.ترجمان چيو ته “اسان هن سموري مرحلي ۾ چيف ڪنزرويٽر جاويد ماهر، پاڪستان ايئر فورس، اسلام آباد وائلڊ لائيف ۽ ٻين ادارن جي ڀرپور سهڪار جا نهايت شڪرگذار آهيون.” پرواز دوران اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورڊ جا عباس، انيس ثنا، ڪراچي زو جا ڊاڪٽر عامر، سنڌ لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر شهلا حيات، ڊاڪٽر ذوالفقار حيدر، ممتاز علي سومرو ۽ ماهره عمر باري باري رانو ريڇ جي پنجري جو جائزو وٺندا رهيا. رانو ريڇ سموري سفر دوران پرسڪون رهي ۽ سمهڻ کي ترجيح ڏني، جڏهن ته جهاز ۾ آڪسيجن ليول ۽ ايئر ڪنڊيشن سسٽم مڪمل طور تي فعال رهيو. نور خان ايئر بيس تي آف لوڊنگ دوران پاڪستان ايئر فورس جو عملو رانو ٽرانس لوڪيشن ٽيم سان گڏ موجود هو، جڏهن ته اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورڊ جا ميمبر ايئر بيس جي نڪرڻ واري در تي ريڇ جي آجيان لاءِ موجود هئا. ترجمان بلديه عظمىٰ ڪراچي موجب، اسلام آباد وائلڊ لائيف ٽيم رانو ريڇ کي گلن سان آجيان ڪندي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جتان کيس جلد ئي مخصوص سينڪچري ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ترجمان موجب رانو ريڇ مڪمل طور تي صحتمند آهي ۽ ان جي خوراڪ ۽ سار سنڀال بابت سموري ڄاڻ اسلام آباد وائلڊ لائيف بورڊ کي مهيا ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو آهي ۽ اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي. رانو ريڇ جي منتقلي جو سمورو عمل شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو ويو، جڏهن ته ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي به هر مرحلي بابت وقت بوقت آگاهه رکيو ويو.










