ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گهٽين تي ڊمپرن جو خوني راند جاري، رامسوامي نشتر روڊ تي تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.مشتعل عوام ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي، مقتول جي پيءُ اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو، ڊمپر ايسوسيئيشن جو صدر لياقت محسود هٿياربند گارڊن سان حادثي واري هنڌ پهتو، لياقت محسود کي ڏسي عوام وڌيڪ مشتعل ٿي ويو،ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر سان گڏ آيل گارڊ هوا ۾ فائرنگ ڪئي، لياقت محسود هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته مون تي قتل سان حملو ڪيو ويو، منهنجي همدردي فوت ٿيل نوجوان جي خاندان سان آهي.










