خانپورمهر ( رپورٽ:آفتاب سيال) وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين خانڳڙھ پهچي سردار علي گوهر خان مهر سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي خبر موجب وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، سيد غني، امتياز شيخ، منظور وساڻ، شبير بجاراڻي، ذوالفقار شاهه، امداد پتافي ۽ ٻين گوهر پيلس پهچي پ پ ايم اين اي سردار علي گوهر مهر پ پ ايم پي اي سردار راجا خان مهر سان والده، صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر سان چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان گڏ سعيد غني ، امتياز شيخ ، منظور وساڻ ، ذوالفقار شاھ ، شبير بجراڻي ، امداد پتافي سميت ٻين پاران پاران مهر ڀائرن سان سندن امڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو۔ خانڳڙھ ۾ وڏو وزير جي آمد جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ،هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، خان ڳڙهه گهوٽڪي پهچي ايم اين اي سردار علي گوهر خان مهر، سردار علي نواز خان مهر سان انهن جي والده جي ناگهاني وفات تي، ۽ صوبائي وزير چیف سردار محمد بخش خان مهر سان چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ مرحومه جي مغفرت لاءِ فاتحه خواني ڪئي.ان سان گڏ ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم اين اي اسد عالم خان نيازي، صوبائي وزير مڪيش چاولہ، خاص مددگار قاسم نويد قمر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔
مشهور خبرون










