جيڪب آباد: (ن س ) جيڪب آباد ۾ ڪار تيز رفتاري سبب پاڻي جي کامي ۾ ڪري پئي هڪ عورت ۽ ٻه ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا.صدر ٿاڻي جي حد شنبي شاهه لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار موڙ ڪاٽي نه سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار کامي ۾ ڪرڻ سبب عورت ۽ ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن فوتين جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن پوليس موجب تيز رفتاري سبب ڪار پاڻي جي کامي ۾ ڪري پئي جنهن ۾ عورت ۽ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.










